راڳي ڀڳڙو مل ناچيز

راڳي ڀڳڙو مل ناچيز

ڀڳڙو مل ناچيز

ڀڳڙو مل ”ناچيز“: ڀڳت ڀڳڙي مل ”ناچيز“ تعلقي مٺيءَ جي ڳوٺ سينھار وڪيا ۾ 1966ع ڌاري جنم ورتو. سندس پيءُ جو نالو گنگارام ميگھواڙ آھي. هن فقط پنج درجا سنڌي پاس ڪري 1987ع ۾ درزڪو ڪم اختيار ڪيو. ھن ڳائڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ سنت نيڻورام ۽ هنومان جي آشرم جي پراڻي ڀڳت چاندارام کان ڳائڻ جي سکيا ورتي. 1989ع ۾ ريڊيو تي آيو ۽ مقبول ٿيو. ھن لوڪ شاعريءَ سان گڏ، شاهه لطيف، سچل، شيخ اياز، ڀڳت ڪبير، ميران ٻائي، گورکناٿ، سامي ۽ ٻين ڪيترن ئي جديد شاعرن جي شاعريءَ کي ڳايو آھي. سندس شمار ٿرپارڪر جي مشهور ڀڳتن ۽ فنڪارن ۾ ٿئي ٿو. هن جا پنهنجا ٺاهيل ڪيترائي ڀڄن مشهور آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو